دبئي/لاهور(عوامي آواز نيوز) بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض دبئي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي.ملڪ رياض اڳوڻي وزيراعظم سان اسحاق ڊار جي پٽن جي امارات هيل ۾ رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.نواز شريف ۽ ملڪ رياض وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي.
ذريعن موجب ملڪ رياض نواز شريف جي پاڪستان واپسي جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ٻئي پاسي ناليواري وي لاگر گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ملڪ رياض وڏي گاڏي ۾ نوازشريف سان ملاقات ڪئي آهي، هن کي 465 ارب رپيا پاڪستان ۾ ڏيڻا آهن، سپريم ڪورٽ ۾ هن خلاف ڪيس هلي رهيو آهي، هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ته بچي وڃان پر هن جو بچڻ مشڪل آهي.
هن چيو ته هر ماڻهو ملڪ رياض بابت خراب راءِ رکي ٿو، هن نوازشريف خلاف ڌرڻن ۾ فنانسنگ ڪئي هئي، ملڪ رياض عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ بعد بحريا ٽائون جي ملازمن جي ڊيوٽي لڳائي هئي ته وزيراعظم هائوس ۾ حاضريون ڀريو، نوازشريف کي ساڻس ملاقات نه ڪرڻ گهرجي ها.
هن چيو ته ملڪ رياض جي کيسي ۾ جج، جنرل، وزيراعظم،ميڊيا هائوسز هوندا آهن، ملڪ رياض جي کيسي ۾ هن وقت نوازشريف نظر اچي رهيو آهي،ايندڙ وزيراعظم کي اهڙن ماڻهن سان ملاقات کان پاسو ڪرڻ گهرجي جڏهن ته 2017ع ۾ ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ ظهير اسلام جو پيغام ملڪ رياض ئي نواز شريف کي پهچايو هو ته استعيفا ڏيو، اهو ئي ملڪ رياض پاڻ بچائڻ لاءِ دبئي ۾ نواز شريف وٽ پهچي ويو.
نامياري صحافي راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته ڇا نواز شريف کان وسري ويو آهي ته عمران خان جيڪي ڌرڻا هنيا هئا يا جلسا ڪيا هئا. انهن جي مالي مدد ڪنهن ڪئي هئي. فرح گوگي کي پنهنجي ذاتي جهاز ۾ ملڪ رياض فرار ڪرايو هو. ڪرپشن جي رپورٽ ڏيڻ ۽ ملڪ رياض جا تحفا اچڻ جي ڄاڻ ڏيڻ تي ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم منير کي عمران خان عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو.
هوڏانهن سينئر صحافي عون شيرازي پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ملڪ رياض اين سي اي اسڪينڊل ۾ عمران خان خلاف واعده معاف بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ رياص هن وقت مسئلن جو شڪار آهي، ملڪ رياض عمران خان خلاف واعدي معاف گواهه بڻجڻ لاءِ تيار هو، پر کيس هڪ ”اهم شخصيت“ کيس روڪي ڇڏيو هو.
ملڪ رياض کي بحريا ٽائون ڪراچي جا 465 ارب ۽ ڊي ايڇ اي ۽ شهيدن جي سلسلي ۾ 470 ارب رپيا ادائيگي ڪرڻي آهي،ساڍا 9سئو ارب رپين جي رقم بڻجي ٿي.
ذريعن تصديق ڪئي آهي ته ملڪ رياض جي صحت به خراب آهي، واعده معاف گواهه بڻجڻ واري ڳالهه جي خبر جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پهتي ته هن ملڪ رياض کي چيو ته توهان کي عمران خان خلاف واعده معاف گواهه ناهي بڻجڻو، پريشر ايندو رهندو آهي، توهان ايئن نه ڪجو، ڇا آصف زرداري کي عمران خان سان محبت آهي، ايئن ناهي، آصف زرداري کي ڊپ آهي ته اڄ عمران خان خلاف واعده معاف گواهه بڻيو آهي سڀاڻي منهنجي خلاف به واعده معاف گواهه بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته لاهور ۾ بلاول هائوس به ملڪ رياض جو ڏنل آهي، اسٽيبلشمينٽ هن وقت ن ليگ سان گڏ آهي.
صحافي مزمل سهروردي چيو ته ملڪ رياض نوازشريف کان مدد طلب ڪئي پر اڳوڻي وزيراعظم صاف انڪار ڪندي چيو ته مان في الحال توهان جي مدد نٿو ڪري سگهان.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 21 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي