حالتون خراب اسان پاڻ ڪيون آهن، ٺيڪ به پاڻ کي ئي ڪرڻيون آهن: نواز شريف

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان انصاف چاهيون ٿا ۽ پهريان به چيو هو ته سڀ الله تي ڇڏيان ٿو.

دبئي ايئر پورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته اڄ چئن ورهين کانپوءِ پاڪستان وڃي رهيو آهيان، 2017 جي ڀيٽ ۾ اڄ ملڪ جون حالتون بهتر نه آهن، پاڪستان جون حالتون ڏسي تمام گهڻي پريشاني ٿيندي آهي، پاڪستان معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان پٺتي هليو ويو آهي، اميد کي هٿان نه وڃڻ ڏنو وڃي، اسان حالتون خراب به پاڻ ڪندا آهن ۽ ٺيڪ به پاڻ کي ڪرڻيون آهن.

هن چيو ته جيڪي مُلڪ آءِ ايم ايف کي به خدا حافظ چي چڪو هو هاڻ مسئلن جو شڪار آهي، اهو پاڪستان جتي لوڊشيڊنگ ختم ٿي وئي هئي، علاج جون سهولتون موجود هيون، ڇا اِهو پاڪستان اڄ نظر اچي ٿو؟.

مسلم ليگ ن جي قائد چيو ته سندن دور ۾ پاڪستان ۾ ماني چئن رپين ۾ ملندي هئي، دوائون مفت هيون، ٻڌايو ته ڇا اڄ توهان کي پراڻو پاڪستان نظر اچي ٿو؟، اڄ کين دنيا جي بلند ترين قومن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ها.

نواز شريف چيو ته توهان کي پاڻ پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، ڪو ٻيو اوهان کي کڻي نه بيهاريندو، ‎ن ليگ جي دور ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي چڪو هو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن بااختيار ادارو آهي جيڪو چونڊن جو فيصلو ڪري سگهي ٿو، اڄ ملڪ ۾ غيرجانبدار اليڪشن ڪميشن آهي، آدمشماري ٿي چڪي آهي، تڪ بنديون ٿيڻيون آهن.

نواز شريف چيو ته مان اُهو شخص آهيان جنهن جيلون ڏٺيون آهن، منهنجي نياڻي نه وزير نه صلاحڪار هئي پوءِ به کيس گرفتار ڪيو ويو نيٺ نياڻيءَ سميت ڏيڍ ڏيڍ سئو پيشيون ڀوڳيون آهن، آخرڪار مريم نواز کي به عدالت مان ڪلين چٽ ملي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پهريان به چئي چڪو آهيان ته سڀ الله تي ڇڏيو آهي هاڻ به الله تي ڇڏيان ٿو اڄ سرخرو ٿي وطن وڃي رهيو آهي، نوَ مئي وارا نه 28 مئي وارا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.