جيترا ڏک ۽ اهنج نواز شريف برداشت ڪيا ان جو مثال نٿو ملي: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مريم نواز جو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپسي تي چوڻ آهي ته اڄ سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڏينهن آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته هوءَ الله رب العزت جي ٿورائتي آهي، جيترا ڏُک ۽ تڪليفون نواز شريف گذريل چويهه سالن ۾ سٺيون آهن، ان جو مثال نٿو ملي.

مريم نواز چيو ته سندس ڪجهه زخم اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن به ڇُٽي نه سگهندا پر جيترا عروج نواز شريف ڏٺا اِهي به شايد ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نه آيا هجن.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وڌيڪ لکيو ته پاڪستان اڄ نواز شريف جو هڪ ٻيو عروج ڏسڻ وارو آهي، ڀليڪار نواز شريف!.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.