” ڪرڪيٽر نه هجون ها ته مزدوري ڪيون ها“ نسيم ۽ شاداب جي وڊيو وائرل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر شاداب خان ۽ نسيم شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو ڪرڪيٽر نه هجن ها ته مزدور هجن ها.

قومي ڪرڪيٽ شاداب خان ۽ نسيم شاهه جو سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلب وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان ڪرڪيٽرن کان مختلف سوال ڪيا.

شاداب ۽ نسيم کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اوهان ڪرڪيٽر نه هجي ها ته ڇا هجو ها؟ ان جي جواب ۾ نسيم شاهه چيو ته مان بزنس ڪيان ها پر وٽس بزنس جيترو دماغ ناهي، انڪري ان شعبي ۾ گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهي ها.

ميزبان شاداب خان کان به ساڳيو ئي سوال ڪيو جنهن جي جواب ۾ آل رائونڊر چيو ته هو مزدوري ئي ڪري ها ڇو ته جيترا به ڪرڪيٽر آهن اُهي پڙهندا ناهن تنهنڪري سڀ مزدور ئي هجن ها يا وندا هجن ها.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ٻنهي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ عمران خان جيترو نالو ڪمائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.