”اوهان جي اچڻ سان خوشيون اينديون“، نواز شريف جي واپسي تي عمر اڪمل جو ٽوئيٽ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي چئن ورهين کانپوءِ ڏيهه واپسي تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ عمر اڪمل نواز شريف جي وطن واپسي تي کيس ڀليڪار چيو ۽ کيس پنهنجو حقيقي ليڊر قرار ڏنو.

عمر اڪمل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اوهان جي اچڻ سان خوشيون اينديون، ايماندار ۽ حقيقي ليڊر مُلڪ واپس اچي ويو ۽ اسان بهتري لاءِ پراميد آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.