هم جنس پرست جوڙي سُپريم ڪورٽ جي عمارت ٻاهران مڱڻو ڪري ڇڏيو!

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني قرار ڏيڻ کان انڪار جي سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هڪ هم جنس پرست جوڙي عدالت جي سامهون مڱڻو ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي سُپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ هم جنس پرستن جي شادي کي قانوني قرار ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ عدالت فيصلو ٻڌايو ته هم جنس پرستن جي شادين لاءِ پارليامينٽ ۾ قانون سازي ڪرڻ گهرجي.

سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مايوس هم جنس پرست مرد جوڙي نئين دهلي ۾ سُپريم ڪورٽ جي آڏو هڪ ٻئي کي مُنڊي پارائي مڱڻو ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب، اننيا ڪوٽيا هڪ پي ايڇ ڊي شاگرد آهي ۽ هو لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس ۾ پڙهي رهيو آهي، هن پنهنجي ساٿي وڪيل اتڪرش سڪسينا سان مڱڻو ڪيو.

اننيا پنهنجي مڱڻي جو اعلان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڪيو ۽ پنهنجي مڱڻي جي تصوير پڻ شيئر ڪئي.

اننيا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ ٻيهر اينداسين.

سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان ڪنهن کين سپورٽ ڪيو ته ڪنهن کين عدالت آڏو پنهنجي راءِ جي حق جي اظهار جو طريقو قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.