مُلڪ ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سموري مُلڪ گذريل ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 150 رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک اٺ هزار 350 رُپين جي ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت 129 رُپيا لاٿ بعد هڪ لک 78 هزار 626 آهي.

عالمي مارڪيت ۾ سون في اونس ست ڊالر سستو ٿيڻ بعد 1992 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.