ورلڊ ڪپ ويزائن واري معاملي تي پي سي بي جو احتجاج، آءِ سي سي حرڪت ۾ اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني صحافين ۽ مداحن کي ويزائون جاري نه ڪرڻ واري معاملي تي آءِ سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي جواب ڏئي ڇڏيو.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي خاطري ڪرائي آهي ته هو معاملي تي ڏسي رهيا آهن.

آءِ سي سي جواب ڏنو ته ويزائن بابت حتمي فيصلو ڀارتي حڪومت کي ڪرڻو آهي، صحافين ۽ مداحن لاءِ ويزائون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.

ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ صحافين ۽ مداحن کي ويزائون وقت سر جاري نه ڪرڻ تي آءِ سي سي آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.