ملڪ ٻن منٽن ۾ ٺيڪ نٿو ٿي سگهي، ڏهه کان پندرنهن سال لڳندا: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي ٻن منٽن ۾ ٺيڪ نٿو ڪري سگهجي، ملڪ کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ 10 کان 15 سال لڳندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته عوام نواز شريف کي چونڊيو ته عوام جي رليف لاءِ معاشي پلان موجود آهي، گذريل 16 مهينا معاشي بحالي لاءِ نه، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ هئا، اسان جي حڪومت مُلڪ کي سريلنڪا نه بڻجڻ ڏنو.

اسحاق ڊار چيو ته نواز شريف خلاف ٻئي ڪيس فراڊ آهن، پاناما جو ڊرامو هو ان ۾ اڄ تائين ڪجهه ثابت ناهي ٿيو، نواز شريف پنهنجي خلاف ڪيسن ۾ سرخرو ٿيندو، مريم نواز بري ٿي چڪي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جج ارشد ملڪ ۽ ٻين جي بيانن کانپوءِ سموري صورتحال واضح ٿي چڪي آهي، نواز شريف جو پاڪستان اچي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو پروگرام ناهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.