حماس جي حملن جو مقصد سعودي اسرائيل لاڳاپن جي عمل کي نقصان رسائڻ هو:آمريڪي صدر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملن جو هڪ ئي مقصد سعودي عرب ۽ اسرائيلي وچ ۾ لاڳاپا معمولي تي آڻڻ جي عمل کي نقصان پهچائڻ هو.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي جو بائيڊن چيو ته حماس کي خبر هئي ته هو جلد سعودي قيادت سان ويهي ان معاملي تي ڳالهائڻ وارو آهي.
بائيڊن تصديق ڪئي ته هن اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته هو غزا ۾ زميني جنگ پکيڙڻ جي عمل کي ملتوي ڪري ته جيئن ڳالهين جي نتيجي ۾ وڌيڪ يرغمالين جي آزادي ممڪن ٿي سگھي.
واضح رهي ته حماس اسرائيل تي حملي دوران يرغمال بڻايل ماڻهن مان ٻن آمريڪي عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا موجب حماس جو چوڻ هو ته ٻنهي عورتن کي قطري حڪومت سان هڪ معاهدي تحت انساني بنيادن تي آزاد ڪيو ويو.
حماس ٻڌايو ته قطر ۽ مصر گڏجي ”شهري“ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
حماس طرفان آزاد ڪيل آمريڪي ماءُ ڌيءُ کي سرحد تي اسرائيلي نمائندي جي حوالي ڪيو ويو جتان انهن کي اسرائيل جي فوج اڏي تي آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.