اسرائيل جا ظلم جاري، شهيدن فلسطينين جو انگ وڌي 4300 ٿي ويو، 14 هزار زخمي

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل شهرين آبادين، اسپتالن ۽ عبادتگاهن کي به نه بخشيو، غزا جي قديم ترين گرجا گھر تي به بمباري ڪئي وئي، حملي جي نتيجي ۾ چرچ ۾ پناههه وٺندڙ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب 15 سئو کان وڌيڪ ٻارن سميت شهيدن جو گڏيل انگ 4 هزار 300 کان وڌيڪ ويو جڏهن ته هيل تائين تقريبن 14 هزار شهري زخمي ٿي چڪا آهن.
غزا پٽي تي اسرائيلي بمباري ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گھر تباهه ٿي چڪا، اسرائيلي ظلمن جي نتيجي ۾ بي گھر فلسطينين جو انگ به 10 لک تائين پهچي ويو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان شيبا فارمز ڀرسان ڏکڻ لبنان تي به بمباري ڪئي وئي جڏهن ته آمريڪي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم جي حمايت ملڻ بعد ڪنهن به وقت غزا تي اسرائيلي فوج جي زميني حملي جو به امڪان آهي.
حماس جي اڳواڻ اسماعيل هنيه خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي جارهيت سبب تڪرار علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿو ۽ ان صورت ۾ اهو اسرائيل ۽ ان جي حامين جي قابو کان ٻاهر ٿي ويندو.
هوڏانهن غزا جي اسپتالن ۾ بجلي غائب آهي جڏهن ته ٻارڻ ختم ٿيڻ تي جنريٽر به بند ٿي ويو، اسپتال جو عملو موبائل فون جي ٽارچ جي روشني ۾ آپريشن ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي.
خان يونس جي اسپتال جي ڊاڪٽر پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڪو به آءِ سي يو بيڊ موجود ناهي، وڌيڪ حياتيون نٿا بچائي سگھون.
ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته ان جو مطلب آهي ته وڌيڪ ٻارن، عورتن کي طبي امداد کانسواءِ مون کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.