ايون فيلڊ، العزيزيه ريفرنسز ۾ سزا، نواز شريف وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان اپيل بحالي جي درخواست سومر تي داخل ڪئي ويندي.

پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي مٿان موجود ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سزائن خلاف اپيل لاءِ سومر تي درخواست داخل ڪرائيندو.

نواز شريف جي وڪيل امجد پرويز سزائن خلاف اپيل جو حق بحال ڪرڻ واري درخواست سومر تي داخل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

اطلاع آهن ته نواز شريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ واري درخواست تي صحيحون ڪري ڇڏيون ۽ اپيلن جي بحالي لاءِ بائيوميٽرڪ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.