عربي سمنڊ ۾ نئون ”تيج“ طوفان ٺهي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ جي ڏکڻ اولهه ۾ موجود دپريشن سامونڊي طوفان (تيج) ۾ تبديل ٿي ويو.
سائڪلون وارننگ سينٽر طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ اولهه ۾ 1850 ڪلوميٽر ۽ گوادر جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه کان 1720 ڪلوميتر پري آهي.
سائڪلون وارننگ سينٽر موجب سامونڊي طوفان ”تيج“ عمان جي شهر سلالا جي ڏکڻ اوڀر کان 960 ڪلوميٽر پري آهي.
سائڪلون وارننگ سينٽر وڌيڪ ٻڌايو ته تيج شام تائين شدت اختياري ڪري شديد سامونڊي طوفان بڻجي سگھي ٿو جنهن جو رخ عمان ۽ يمن جي ڏانهن رهندو پر پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي سامونـڊي طوفان مان ڪو به خطرو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.