امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع

غزا (ويب ڊيسڪ) رفاح راهداري ذريعي امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون.
پرڏيهي ميڊيا موجب مصر ۽ غزا جي پتي تي موجود رفاح ڪراسنگ سان امدادي ٽرڪون غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون.
ان حوالي سان آمريڪي سفارتخاني جو چوڻ هوته هنن وٽ اهي اطلاع آهن ته مقامي وقت موجب صبح جو 10 وڳي امدادي ٽرڪون رفاح راهداري رستي غزا ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون.
حماس ميڊيا جي آفيس موجب غزا ۾ اڄ 20 امدادي ٽرڪون داخل ڪيون ٿيڻيون آهن جن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ کاڌي پيتي جو ڪجهه سامان موجود آهي.
عرب ۽ نار ميڊيا به رفاح رستي ذريعي امدادي ٽرڪن جي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.