2023ع جو ٻيو ۽ آخري چنڊ گرهڻ 28 آڪٽوبر تي ٿيندو جيڪو پاڪستان ۾ به ڏسي سگھبو.
جڏهن چنڊ زمين جي پاڇي جي اونداهي حصي مان گذرندو آهي ۽ زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي ويندي آهي ته ان موقعي تي چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي.
سج جي روشني جڏهن زميني فضا مان گذرندي آهي ته نيري روشني جي ڀيٽ ۾ ڳاڙهي رنگ جي روشني وڌي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري گرهڻ لڳڻ تي چنڊ ڳاڙهو نظر ايندو آهي.
ان کان اڳ 5 مئي 2023ع تي پينمبرل چنڊ گرهڻ ٿيو هو.
پينمبرل چنڊ گرهڻ دوران چنڊ جي چمڪ گھٽجي ويندي آهي ۽ ان جو مشاهدو ڏکيو هوندو آهي.
پر 28 آڪٽوبر تي جزوي چنڊ گرهڻ ٿيندو جنهن جو مشاهدو ڪرڻ ممڪن هوندو.
چنڊ گرهڻ پاڪستان جي معياري وقت موجب 28 آڪٽوبر تي رات جو 11 لڳي 01 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ رات جو 1 لڳي 15 منٽن تي عروج تي پهچندو.
چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي 29 آڪٽوبر تي رات جو 03 لڳي 36 منٽن تي ٿيندي.
چنڊ گرهڻ پاڪستان سان گڏوگڏ ايشيا، روس، يورپ ۽ آفريقا جي مختلف ملڪن ۾ ڏسي سگھبو.
سج گرهڻ جي ابتڙ چنڊ گرهڻ کي ڏسڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي احتياط جي ضرورت ناهي پوندي.
واضح رهي ته ان اڳ 14 آڪٽوبر تي هلندڙ سال جو آخري سج گرهڻ به ٿيو هو.
سج گرهڻ ڏکڻ اولهه ميڪسيڪو، وچ آمريڪا جي مختلف ملڪن، ڏکڻ آفريقا، ڏکڻ آسٽريليا، ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ، انٽارڪٽيڪا ۽ هندي سمنڊ جي علائقي ڏٺو ويو.
ان سج گرهڻ کي رنگ آف فائر جو نالو ڏنو ويو هو.
فلڪيات ماهرن موجب ان سج گرهڻ کي رنگ آف فائر جو نالو ان ڪري ڏنو ويو هو ڇو جو ان دوران چنڊ سج پنهنجي پٺيان مڪمل لڪائڻ ۾ ناڪام رهيو هو، ان ڪري سج جو ٻاهريون حصو ائين نظر آيو ڄڻ ڪو باهه جو ڇَلو هجي.
You might also like