ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان شهر جو گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي جنهن سبب ڇنڇر ۽ آچر تي گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿ.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ ڏينهن جي وقت ۾ اتر اولهه کان گرم هوائون گهلڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شام جو ڏکڻ اولهه کان سامونڊي هوائون گهلنديون.