ورلڊ ڪپ: شاهين سهري شاهد آفريدي جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجي سهري ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ جي نقشِ قدم تي هلندي سندس هڪ رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 18 هين ميچ ۾ آسٽريلوي بيٽرز پاڪستاني بالرن کي ڌوڙ ڪندي گرين شرٽس کي کٽڻ لاءِ 367 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو.

بئنگلورو جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان آسٽريلوي ڪپتان پئٽ ڪمنز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.

آسٽريليا پهريان کيڏيندي مقرر 50 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 367 رنسون ٺاهيون، ڪينگروز طرفان ڊيود وارنر 163 ۽ مچل مارش 121 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي .

پاڪستان جي شاهين آفريدي 10 اوورن ۾ 54 رنسن عيوض پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.

شاهين آفريدي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ٻه ڀيرا پنج وڪيٽون وٺندڙ پاڪستان جو ٻيو بالر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 2 ڀيرا پنج وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.

آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ شاهين 2019ع واري ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف 6 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون، جڏهن ته شاهد آفريدي 2011 واري ورلڊ ڪپ ۾ ٻه ڀيرا پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

ياد رهي ته شاهين شاهه ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي نياڻي اشناءَ آفريدي هلندڙ سال شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.