بولڊ سين تي سلميٰ هائيڪ سڏڪا ڀري روئي ڏنو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪن اداڪارا سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هو پنهنجي هڪ فلم ۾ رومانوي سين عڪسبند ڪرائيندي روئي پئي هئي.

پوڊ ڪاسٽ انٽرويو دوران سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو ته 1993 ۾ هو پنهنجي فلم ڊيسپراڊو ۾ هڪ رومانوي سين عڪسبند ڪرائيندي روئي پئي هئي.

54 سالن جي اداڪارا ٻڌايو ته هو ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ هئي ته کيس پنهنجي فلم دوران پنهنجي ساٿي اداڪار انتونيو بنڊيرس سان هڪ بولڊ سين به عڪس بند ڪرائڻو پوندو.

هن چيو ته جڏهن هو رومانوي سين عڪد بند ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ته سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ۽ هو ڊڄي وئي هئي کيس پاڻ کي به خبر نه هئي ته هو روئي ڏيندي.

اهو ڏسي سيٽ تي موجود سڀ پريشان ٿي ويا هئا ۽ هيرو کي شرمساري محسوس ٿي رهي هئي، هو هڪ شريف انسان هو.

هن چيو ته مان ڪجهه وقت لاءِ روئڻ بعد سين عڪسبند ڪرايو ۽ جيترو سٺو ڪري سگهيس مان ڪيو، مان سوچي رهي هيس ته پيءُ ۽ ڀاءُ ڏسندا ته انهن کي ڏک ٿيندو، پر مردن سان ائين ناهي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.