ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب بنا مقابلي يوسي چيئرمين چونڊجي ويو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪائونسل مان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.

سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت سڌي ريت ميئر بڻجڻ تي اميدوار کي ڇهن مهينن اندر يونين ڪائونسل جي چونڊ وڙهڻي وندي آهي.

ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين بڻجڻ جي صورت ۾ به اميدوار کي ڇهه مهينن اندر يونين ڪائونسل جي چونڊ وڙهڻي پوندي.

ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سڌي ريت ميئر چونڊيو ويو هو ۽ هاڻ هو ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪائونسل مان بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي.

مرتضيٰ وهاب جي يونين ڪائونسل جي چيئرمين چونڊجڻ جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جاري ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.