ورلڊڪپ: آسٽريليا خلاف شاهين جون پنج وڪيٽون، ڀارتي به ساراهڻ لڳا

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر عرفان پٺاڻ آسٽريليا خلاف ميچ ۾ پاڪستان جي بالنگ لائين تي تبصرو ڪيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾عرفان پٺاڻ شاهين آفريدي جي آسٽريليا خلاف شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

عرفان پٺاڻ لکيو ته بئنگلورو جي فليٽ پِچ تي پنج وڪيٽون وٺڻ پاڪستاني بالر شاهين شاهه آفريدي جي اعليٰ ڪوشش آهي.

هن وڌيڪ چيو ته شاهين آفريدي کانسواءِ پاڪستاني ٽيم جي بالنگ مايوس ڪيو.

ياد رهي ته آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 18 هين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 367 رنسن جو جبل جيڏو هدف ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.