پاڪستاني ڪپتان ۽ ٽيم خلاف مهم، عرفان پٺاڻ ڀارتي تماشائين جي حمايت ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ڪپتان ۽ ٽيم سان ڀارتي تماشائين جي اڻوڻندڙ ورتاءَ جو دفاع ڪرڻ لاءِ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ ميدان ۾ اچي ويو.

ميگا ايونٽ ۾ ڀارتي تماشائين جي بدسلوڪي ۽ مذهبي نعرن ذريعي رانديگرن کي چڙ ڏيارڻ جي ڪوشش تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي آڏو سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ تماشائين جي رويي تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو.

ان ڏس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته اسان پشاور ۾ ميچ کيڏي رهيا هئاسين ته تماشائين ڪوڪا اُڇلايا جيڪي اک ۾ اچي لڳا اسان اهڙو ايشو نه بڻايو هو پر پاڪستان جي ميزباني جي ساراهه ڪئي هئي.

اڳوڻي ڪرڪيٽر ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اهڙي طرح هڪ ميچ دوران تماشائين پيار مان ” بالاجي زرا ڌيري چلو “ جا نعرا پڻ هنيا پر اسان ان تي پٽڻو پٽڻ بدران اڳتي وڌياسين ۽ سمورو ڌيان سيريز کٽڻ تي لڳايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.