خبردار! ڳاڙهي گوشت جو گھڻو استعمال وڏي بيماري جو شڪار بڻائي ٿو:تحقيقي

شگر ٽائيپ ٽو سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ مرض آهي ۽ هاڻي جي پکڙجڻ جو هڪ اهم سبب سامهون آيو آهي.
هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڳاڙهي گوشت (ڳئون يا ٻڪري جي گوشت) جي استعمال سان شگر ٽائيپ ٽو مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ ويندو آهي.
اها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
هارورڊ ٽي ايڇ چن اسڪول آف ميڊيسن جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڳاڙهي گوشت جو استعمال جيترو وڌيڪ هوندو، شگر جو خطرو به اوترو ئي وڌي ويندو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 46 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو شگر ٽائيپ ٽو جو شڪار آهن ۽ ان مرض جي پکڙجڻ جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
ان تحقيق ۾ ٻه لک 16 هزار 695 ماڻهن تي ٿيل ٻن تحقيقي رپورٽن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.
انهن ماڻهن جي عذائي عادتن ۽ صحت جو جائزو 1976ع کان 2017ع تائين ورتو ويو هو ۽ ان دوران هر ٻئي سال سوال نامو ڀرائي مختلف غذائن جي استعمال بابت تفصيل حاصل ڪيا ويا.
2017ع تائين 22 هزار 800 ماڻهن ۾ شگر ٽائيپ ٽو جي سڃاڻپ ٿي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته گھڻي مقدار ۾ ڳاڙهو گوشت کائيندڙ ماڻهن ۾ شگر جو خطرو 62 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.
پراسيس يا سادي شڪل ۾ هفتي ۾ ٻه کان 3 ڀيرا ڳاڙهو گوشت کائڻ سان به شگر جو خطرو 40 کان 51 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
ان جي ڀيٽ ۾ دالين يا ڦرين جي استعمال سان شگر مان متاثر ٿيڻ جو خطرو 30 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته ڳاڙهي گوشت جو استعمال ڪندڙ ماڻهو عام طور تي مڇي، ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال گھٽ ڪندا آهن، جسماني طور تي غير سرگرم هوندا اهن ۽ انهن جو جسماني وزن به وڌيڪ هوندو آهي، اهي سڀ شگر جو خطرو وڌائيندڙ عنصر آهن.
هنن چيو ته شگر جي روڪٿام گھڻي ضروري آهي ڇو جو ان سان دل جي مرضن، بُڪين جي مرضن، ڪينسر ۽ دماغي ڪمزوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ماضي ۾ به تحقيقي رپورٽن ۾ ڳاڙهي گوشت جي استعمال کي شگر سان سلهاڙيو ويو آهي.
هن نئين تحقيق ۾ شامل محققن ڳاڙهي گوشت جي استعمال۽ شگر وچ ۾ واسطي جي امڪاني سببن تي به روشني وڌي.
هن ٻڌايو ته ڳاڙهي گوشت ۾ چرٻي يا سڻڀ جو مقدار گھڻو هوندو آهي جنهن سان انسولين جي حساسيت ۽ لبلبي جي خلين جا فعلن گھٽ هوندا آهن.
اهڙيءَ طرح ڳاڙهي گوشت ۾ موجود آئرن سان انسولين جي مزاحمت دٻاءُ وڌندو آهي جنهن سان سيلز (جيوگھرڙن) کي نقصان پهچندو آهي.
محققن موجب ڳاڙهي گوشت جو گھٽ کان گھٽ استعمال ڪرڻ سٺي صحت لاءِ ضروري آهي.
ان تحقيق جا نتيجا آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.