سون جي زيورن تي قرآني آيتون لکرائڻ تي پابندي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ سون جي زيورن تي قرآني آيتون لکرائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پابندي مفتي اعليٰ ۽ گهرو وزير جي جاري ڪيل هدايتن تي لڳائي وئي آهي.

سعودي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته مقدس نالا ڪنهن به ڪاغذ،ٿانو يا سامان تي نه لکيا وڃن، جيڪي عام استعمال دوران ضايع ڪيا ويندا آهن.

هن چيو ته قرآني آيتون انسانن جي هدايت لاءِ نازل ڪيون ويون آهن، انهن کي ٻئي مقصد لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. اهڙي ريت ڪنهن به صورت ۾ قراني آيتن جي بي حرمتي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.