ڊالر ٻيهر سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي

ڪراچي ( م  ڊ ) پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي واڌ جو رجحان ختم ٿي ويو جڏهن ته رپئي جي قيمت ٻيهر واڌ ٿي آهي. گذريل ٻن ڪاروباري ڏينهن ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ساڍا ٽي  رپيا واڌ ٿي هئي، ڪاروبار دوران 2.38 روپيا واڌ کانپوءِ، مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي  1.48 روپيا واڌ سان بند ٿيو. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 278.81 رپين جي سطح تي بند ٿيو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت ۾ ٻن رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 280 رپين جي سطح تي بند ٿيو. ڪرنسي ڊيلرز موجب مارڪيٽ ۾ درآمدي ادائيگين جو گهڻو دٻاءُ نه رهيو، جنهن سبب ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي. ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به تيزيءَ جو رجحان جاري رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 933 پوائنٽس وڌي 50365 تي بند ٿي ويو. اها ڇهن سالن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ انڊيڪس جي بلند ترين سطح آهي. ان کان اڳ مئي 2017ع ۾ انڊيڪس 50592 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو. مارڪيٽ تجزيه نگارن جي مطابق، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو سبب ڪجهه معاشي اشارن ۾ مثبت اڳڀرائي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جو واپاري خسارو گهٽيو آهي، ان سان گڏ اميد آهي ته اسٽيٽ بئنڪ هن مهيني جي آخر ۾ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪندي.

سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن: مدد علي سنڌي

ڪوئيٽا(م ڊ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته  ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا.

پاڪستان پاران جنگ بندي بابت قرارداد ويٽو ڪرڻ تي افسوس

گڏيل قومون(م ڊ) پاڪستان اسرائيل فلسطين تڪرار تي جنگ بندي بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ  تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم ووٽنگ کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو ته پاڪستان فوري جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو، هي اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارتن غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳالهين لاءِ طلب ڪيو، هن چيو ته غزه تي اسرائيل طرفان مسلسل ۽ تباهي آڻيندڙ حملن کي 11 ڏينهن ٿي ويا آهن، پورو غزا فوجي گهيري ۾ آهي ۽ اتي بجلي، پاڻي ۽ انساني امداد جي فراهمي ڪٽي وئي آهي. غزه جي پوري آبادي جنهن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شهري شامل آهن کي انڌا ڌنڌ اسرائيلي حملن جي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.