اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ واپارين جي هڪ هٽي خلاف شهرين جزوي شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ الهبچايو وڪيو، جعفر وڪيو، ليکڪ حاجي ڪنڀر،اشرف سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن چيو ته تيل جي اگهن ۾ لاٿ باوجود واپاري پنهنجا من پسند اگھه مقرر ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن، انتظاميا ڪارروائي ڪري ٿي ته واپاري شهربند ڪري ٿا ڇڏين، واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو ،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي چيو ته مهانگائي تي گڏجي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو،آئون توهان سان گڏ آهيان اگر ڪٿي به ڪو واپاري غلط ڪندو ته اُن جي خلاف آئون پاڻ بيهي ڪاروائي ڪرائيندس.