گورنر سنڌ ۽ فيصل واوڊا کي کڻي ويندڙ جهاز سان حادثو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد کان ڪراچي ايندڙ جهاز خراب موسم حادثي کان ذري گهٽ بچي ويو، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فيصل واوڊا به سوار هئا.

اڏام دوران موسم خراب ٿي وئي، جنهن سبب جهاز ۾ سوار مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو.

ايئرپورٽ جي رن وي کي ڇهڻ کان پوءِ جهاز ٻيهر هوا ۾ اڏامي ويو، بعد ۾ پائليٽ مهارت سان جهاز کي رن وي تي محفوظ طور تي لينڊ ڪيو.

خراب موسم سبب اڏام بي ترتيب ٿي وئي ۽ لينڊنگ ۾ مسئلو پيش آيو پر ڪپتان جهاز کي مهارت سان اڏايو.

هوائي اڏي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته جهاز خراب موسم جي اثر هيٺ آيو هو، مون سميت سمورا مسافر محفوظ آهن.

مسافرن الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.

پائليٽ چيو ته الله سڀني کي نئين زندگي ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.