ڳيريلي جي صحافي کي دوستن سوڌو يرغمال بڻائي ڦر

ڳيريلو (ويب ڊيسڪ) ڳيريلي جي سينيئر صحافي سهيل احمد ابڙي ۽ سندس دوستن کان اڻڄاتل هٿياربند يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا.
ڳيريلي جو سينئر صحافي سهيل احمد ابڙي، سندس دوست دودي سومرو ۽ ساجد سولنگي کي باقراڻي ٿاڻي جي حد باءِ پاس لاڙي وٽ 7 اڻڄاتل هٿياربندن يرغمال بڻايو ۽ هٿيارن جي زور تي سي ڊي موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ 12 هزار رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
اهڙي واقعي کانپوءِ ڳيريلو جي صحافين ۾ تاءُ پکڙيل آهي، هنن ايس ايس پي پوليس لاڙڪاڻي ۽ ڊي ايس پي باقراڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته صحافي سهيل ابڙي ۽ سندس دوستن کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.