ٽائيگر ۽ زويا دشمنن کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ سُپر اسٽار سلمان خان جي مداحن جو نيٺ انتظار ختم ٿي ويو آهي ڇو جو يش راج فلمز پنهنجي بلاڪ بسٽر اسپاءِ يونيورس جي نئين فلم ” ٽائيگر ٿري “ جو ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جاسوس ايجنٽ سلمان خان جي نئين فلم ٽائيگر ٿري منيش شرما جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلمن مان هنيئر تائين جي بهترين فلم هوندي ۽ سڀني جون نظرون فلم جي رليز تي کتل آهن.

سلمان خان جا مداح ٽائيگر ٿري سان جڙيل هر خبر تي نظرون ڄمايون ويٺا آهن ۽ اڄ فلم جي ٽريلر مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.

يش راج فلمز طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽائيگر ٿري جي ٽريلر جي هڪ مختصر وڊيو ڪلپ پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف ايڪشن ۾ نظر آيا.

ٽريلر ۾ سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف پنهنجي دشمنن سان ويڙهه کان ويندي سندن شادي جو منظر پڻ ڏيکاريو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، فلم ۾ ڪترينا ڪيف زويا نالي جاسوس جو ڪردار ادا ڪندي.

فلم ۾ سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف جو هڪ پٽ به آهي ۽ اِهو پنهنجي مُلڪ خلاف ويڙهه وڙهندو ڇو ته سندس مُلڪ ٽائيگر خاندان خلاف هوندو.

ياد رهي ته ميگا ايڪشن ۽ ٿرلر فلم سلمان خان، ڪترينا ڪيف، عمران هاشمي مک ڪردار ۾ نظر ايندا جڏهن ته شاهه رخ خان مهمان اداڪار طور فلم جو حصو آهي.

ٽائيگر ٿري ڏياري جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.

ٽائيگر فرنچائز جي اِها ٽين فلم آهي ۽ ان کان اڳ 2012 ع ” ايڪ ٿا ٽائيگر“ ۽ 2017ع ۾ ” ٽائيگر زنده هي“ رليز ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.