ريلوي کاتي جي منافعي ۾ اربين رپين جي واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ جي مختلف ادارن ۾ خسارن واري ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريلوي شاهد عزيز ريلوي کاتي منافعي جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

هن چين سان ايم ايل ون معاهدي بابت تفصيل ٻڌايا آهن.

خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ريلوي کاتي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شاهد عزيز چيو ته ريلوي ۾ خساري جون خبرون ماضي بڻجي چڪيون آهن. هلندڙ سال ٻه هزار ٽيويهه جي ڇهه ماهي ۾ اسان جي ڪوششن جي ڪري ريلوي کاتو منافعي ۾ وڃي ٿو.

هن چيو ته پهرين ڇهه ماهي کانپوءِ هن وقت تائين ستهتر ڪروڙ پنجاهه لک رپيا منافعو ٿيو آهي.

هن چيو ته گذريل سال اسان پهرين ڇهه ماهي ۾ نَوَ ارب پنجهٺ ڪروڙ رپيا ڪمايا هيا. هن سال اسان پهرين ڇهه ماهي ۾ سترهن ارب ڇهانوي ڪروڙ رپيا ڪمايا آهن جيڪو آمدني ۾ ڇهانوي سيڪڙو واڌ آهي. گذريل سال جي ڇهه ماهي منافعي جي ڀيٽ ۾ هن سال ڇهه ماهي ۾ اسان اٺ ارب ايڪٽيهه ڪروڙ رپيا وڌيڪ ڪمايا آهن.

ان سان گڏ صحافي پاران ايم ايل ون بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ايل ون منصوبي لاءِ اڳ ۾ اسان 9.6 بلين ڊالر لاڳت رکي هئي هاڻي جنهن کي گهٽائي 6.6 ارب ڊالر ڪيو ويو آهي جنهن منصوبي تي عملدارآمد ڪرڻ لاءِ اختياريون چين ويل آهن جيڪي منصوبي کي حتمي صورت ڏئي ايندا.

ايم ايل ون منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان چوويهه ڪلاڪن ۾ سئو ٽرينون هلائي سگهون ٿا. ڪراچي کان لاهور سفر ڪرڻ لاءِ وقت گهٽجي ويندو. ڪراچي کان لاهور تائين جيڪو ارڙهن ڪلاڪن تائين وارو سفر آهي اهو ٻارهن کان تيرهن ڪلاڪن تائين جو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.