آءِ فون 15 جي گرم ٿيڻ وارو مسئلو جلد حل ٿي ويندو

آءِ فون 15 خريد ڪندڙن ان جي سافٽ ويئر سوڌو فون جي گرم ٿيڻ جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي ايپل انتظاميا ايڪشن وٺندي جلد مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
ايپل جو نئون آءِ فون 15 وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رش به ڏٺي وئي پر آءِ فون 15 خريد ڪندڙن ان جي سافٽ ويئر سوڌو فون جي گرم ٿيڻ جي شڪايت ڪئي جنهن تي ايپل جي انتظاميا جو موقف به سامهون آيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب ايپل طرفان آءِ فون ۾ مسئلن جو الزام انسٽاگرام ۽ اوبر جهڙين مشهور ايپس ۾ موجود بَگ تي لڳايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته انهن وڏين ايپس جي ڪري فون گرم ٿي رهيو آهي.
ڪمپني طرفان چيو ويو آهي ته IOS17 سسٽم جي اپ ڊيٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو آءِ فون 15 جي مسئلن کان ڇوٽڪارو ڏياريوندو جنهن جي ڪري فون سسٽم کي اوور لوڊ ڪري رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب انسٽاگرام هن هفتي جي شروعات ۾ پنهنجي ايپ ۾ ترميم ڪئي هئي ته جيئن ان کي جديد ترين آءِ فون آپريٽنگ سسٽم تي ڊوائيس کي گرم ڪرڻ کان روڪي سگھجي جڏهن ته اوبر سوڌو ٻين گيمز جي ايپ انتظاميا ايپس کي اپڊيٽ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.