فرخ حبيب جا عمران خان تي سنگين الزام، پي ٽي آءِ ڇڏڻ ۽ آءِ پي پي ۾ شموليت جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) فرخ حبيب پي ٽي آءِ کي الوداع ڪندي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
لاهور ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فرخ حبيب چيو ته گذريل 5 مهينن کان پنهنجي گهرن ۾ موجود نه هئاسين، 9 مئي واقعن کانپوءِ اسان قانون کي منهن نه ڏنو، 3 هفتن کان مان پنهنجي فيملي سان به رابطو ختم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جا ڪجهه ڪارڻ آهن.
هن چيو 5 مهينن کان مسلسل سوچي رهيو هيس ته مان ان سياست لاءِ پنهنجي سياسي جدوجهد شروع ڪئي هئي؟ اسان ته حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي، هيءَ ڪا ڪفر ۽ اسلام جي جنگ ناهي، اسان ملڪ کي تشدد جي سطح تي وٺي وياسين، آئيني طريقي سان بي اعتمادي ٿي، مان پاڻ کان مسلسل انهن سوالن جا جواب پڇي رهيو هيس، خود احتسابي جو عمل تمام ضروري هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته بي اعتمادي کانپوءِ نه اسان کي سڪون سان ويهڻ ڏنو ويو ۽ نه عوام کي، معصوم ماڻهن جا جذبا ڀڙڪايا ويا، نفرت جي پيغامن کي هٿي ڏني وئي، عمران خان ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو، هن مسلسل ماڻهن جي ذهن سازي ڪئي ۽ تيار ڪيو.
فرخ حبيب چيو ته 9 مئي واقعا افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳا آهن، جنهن ڏينهن حالتون خراب ٿيون، ان ڏينهن مان ڪنهن احتجاج ۾ نه ويو هيس، ان ڏينهن جيڪو ٿيو، اهو ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، عمران خان چاهيو ته ماڻهو ان لاءِ وڙهن، هو گرفتاري ڏيڻ نه پئي چاهي.
هن چيو ته عمران خان ماڻهن جو اهڙو ذهن ٺاهيو هو ته پنهنجي فوج خلاف نڪري پون، بدقسمتي سان پي ٽي آءِ چيئرمين تشدد کي هٿي ڏيندو رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.