اسرائيل جي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي تنقيد، فاطما ڀٽو جو سخت ردعمل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم تي تنقيد کانپوءِ فاطما ڀٽو صيهوني رياست کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو.

ڀارت، سريلنڪا ۽ ڀوٽان ۾ اسرائيلي سفير طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ دوران جتي ڀارت جي فتح تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو اتي ان ڳالهه تي مسرت جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ڪامياب نه ٿي سگهيو نه ته هو پنهنجي فتح حماس جي نالي ڪري ها.

اسرائيل جو اشارو قومي ڪرڪيٽر محمد رضوان ڏانهن هو جنهن سريلنڪا خلاف تاريخي ڪاميابي مظلوم فلسطينين جي ناءُ ڪئي هئي.

پاڪستاني اديب فاطما ڀٽو اسرائيلي پوسٽ تي ردعمل ڏيندي لکيو ته جيڪڏهن ست ڏينهن ۾ ست سئو چويهه ٻارن کي قتل ڪندڙ نسل ڪش رياست پاران عوامي طور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي ته اسان آخري وقت تائين ڪرڪيٽ ميچن ۾ هارائڻ تي خوش آهيون.

ياد رهي ته ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سريلنڪا کي شڪست ڏني هئي جڏهن ته ميچ ۾ 131 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏندڙ محمد رضوان پاڪستان ٽيم جي فتح غزا ۾ اسرائيلي ظلمن جو شڪار فلسطينن جي نالي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.