اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان 12 هزار 96 مبينا جعلي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي معاملي تي گهرو وزارت جاچ لاءِ 5 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
سعودي حڪومت 12 هزار 96 مبينا جعلي پاسپورٽ پاڪستاني سفارتخاني حوالي ڪيا، ان حوالي سان گهرو وزارت معاملي جي جاچ لاءِ 5 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ اينڊ ايميگريشن مصطفيٰ جمال ڪندو، جڏهن ته ايف آءِ اي، گهرو وزارت ۽ نادرا جا نمائندا ڪميٽي ۾ شامل هوندا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊمن پاسپورٽ ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ ڪوتاهي جو پتو لڳائيندي ۽ اهو به پتو لڳائيندي ته ڪهڙن ادارن جي ملي ڀڳت سان جعلي پاسپورٽ استعمال ٿيا.
You might also like