پاڪستان سميت دنيا جي ڪيئي مُلڪن ۾ اڃا تائين ففٿ جنريشن ( فائيو جي ) ٽيڪنالاجي متعارف ناهي ٿي سگهي پر هڪ مُلڪ اهڙو به آهي جيڪو ان کان به وڌيڪ سيلولر ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.
چيني سائنسدانن هڪ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي جنهن ذريعي تيز ترين سيٽلائيٽ انٽرنيٽ جو رستو کُلي ويندو.
سائنسدانن موجب، اِهو سڪس جي نيٽ ورڪس جي تياري واري عمل جو اهم ترين حصو آهي.
چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز جي انتظام هيٺ شيان انسٽيٽيوٽ آپٽڪس اينڊ Precision Mechanics جي سائنسدانن هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان اهڙي سوئچنگ ڪميونيڪيشن ڊيوائس تيار ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا هئا جيڪا ڊيٽا ٽرانسميشن جي رفتار وڌائي سگهي.
ان ڪميونيڪيشن ڊيوائس کي آگسٽ 2023ع ۾ واءِ سيون راڪيٽ جي ذريعي ڌرتي جي مدار ۾ سيٽلائيٽ ۾ لڳائي روانو ڪيو ويو هو.
ڌرتي جي مدار ۾ ان ڊيوائس هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لائٽ سگنلز کي برقي سگنلز ۾ تبديل ڪرڻ کانسواءِ موڪلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، حقيقت ۾ ان ڪنهن آئيني وانگر ڪم ڪيو.
ان ڊيوائس کي اسپيس بورڊ آپٽيڪل سوئچنگ ٽيڪنالاجي جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اِهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن چين طرفان هڪ سيٽلائيٽ ۾ اهڙي قسم جي ڊيوائس جي ڪامياب آزمائش ڪئي وئي.
سائنسندانن موجب، ان ڊيوائس جي ڊيٽا کي جڏهن ڌرتي تي ڊائون لوڊ ڪيو ويو ته سمورا تفصيل برقرار رهيا ۽ ڊيٽا کي نقصان نه پهتو.
اهڙي قسم جي ڊيوائسز کي ڪميونيڪيشنز نيٽ ورڪس جو اهم ترين حصو سمجهيو ويندو آهي جيڪي هڪ مخصوص رُخ ۾ ڊيٽا جي ورڇ ڪنديون آهن، مثال طور اهڙي طرح اسان جي فون ڪال مخصوص فرد تائين پهچندي آهي.
روايتي سوئچنگ ڊيوائسز لائٽ سگنلز کي بجلي استعمال ڪري ڊجيٽل ڊيٽا ۾ تدبيل ڪنديون آهن، پر نئين ڊيوائس ان کانسواءِ ڪم ڪندي آهي.
سائنسدانن موجب، ان طريقيڪار تحت خاص سوئچنگ انفراسٽرڪچر جي تعمير جو خرچ بچائڻ ممڪن هوندو.
ان حوالي سال 2022ع ۾ ڇپيل هڪ سائنسي ليک ۾ ڄاڻايو ويو هوته اِها ڊيوائس جي بي في سيڪنڊ ڊيٽا کي سپورٽ ڪري سگهي ٿي جيڪا روايتي سوئچنگ ٽيڪنالاجي جي ڀيٽ تمام گهڻي آهي.
سيٽلائيٽ ريموٽ سنسنگ جي تياري سان ڊيٽا جي تيز رفتاري سان منتقلي ۽ سڪس جي موبائيل ڪميونيڪشن وارو عمل ممڪن ٿيندو.
سائنسندانن موجب، 6 جي جهڙي ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ ۾ سيٽلائيٽس جو ڪردار گهڻو اهم هوندو.
فلحال سيٽلائيٽ انٽرنيٽ کي ڌرتي تي پهچائڻ لاءِ مائيڪرو ويو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙيو ويندو آهي، پر ان ۾ ڊيٽا ٽرانسفر جي اسپيڊ محدود هوندي آهي.
پر ويجهڙائي وارن سالن دوران ليزر کي ڊيٽا ٽرانسفر لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
سائنسندانن موجب، جڏهن ڊيٽا ٽرانسفر اسپيڊ تمام گهڻي هوندي آهي ته روايتي سوئچنگ ٽيڪنالاجي کي سئو جي بي في سيڪنڊ ڊيٽا کي پراسيس ڪرڻ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
انڪري وڌيڪ جديد آپٽيڪل ايڪسچينج سسٽم جي تياري ضروري آهي.
پر هنن مڃيو ته ان اڳڀرائي باوجود ان ٽيڪنالاجي کي عملي جامو پهرائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو .
ياد رهي ته ان کان اڳ اندازو لڳايو ويو هو ته دنيا ۾ سڪس جي ٽيڪنالاجي جي آمد 230 کان اڳ ممڪن ناهي.
سڪس جي ٽيڪنالاجي بابت فلحال گهڻا تفصيل موجود نه آهن پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي مدد سان هول گرافڪ ڪميونيڪيشن کي سائنس فڪشن مان ڪڍي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ملندي.