ڪراچي ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ، ٻارڙو مارجي ويو، چاچو زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي اورنگي ٽائون قصبه ڪالوني ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ 7 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو، سندس چاچو  زخمي ٿي پيو آهي. مارجي ويل ٻارڙي جي سڃاڻپ 7 ورهين جي ايان ولد عبدالله ۽  زخمي جي نعيم جي نالي سان ٿي آهي. فوتي ٻارڙي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي رات پاڙي ۾ شادي جي تقريب هئي، گهر کان ٻاهر آيس ته خبر پئي ته شادي جي تقريب ۾ ويٺل منهنجو ڀاءُ نعيم ۽ پٽ ايان زخمي ٿي پيا، پٽ زخمن جا سور نه سهندي علاج دوران فوت ٿي ويو. هن چيو ته شادي جي تقريب دوران فائرنگ ڪندي ڪنهن کي به نه ڏٺو پر ڀرپاسي جي ٻين ماڻهن ڏٺو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فائرنگ اسماعيل نالي شخص ڪئي، پستول ۾ گولي ڦاسي پوڻ سبب واقعو پيش آيو، پوليس الياس نالي هڪ شخص کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او اورنگي ٽائون علي رضا موجب مقتول ٻارڙي جي وارثن اڃا تائين اهو ناهي ٻڌايو ته فائرنگ ڪنهن ڪئي پر ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.