اسرائيل ٻارن ۽ عورتن کي قتل ڪري حدون پار ڪري ڇڏيون آهن: صدر

اسلام آباد( م ڊ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيل طرفان فلسطينين تي ظلم جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ٻارن، عورتن ۽  بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئٽ ڪندي صدر عارف علوي چيو ته انساني تاريخ ۾ ايترو وڏو ظلم ۽ بربريت ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، جيڪا اسرائيل طرفان ڪئي پئي وڃي، فلسطينين کي پاڻي، بجلي، کاڌي پيتي ۽ دوائن جي فراهمي به بند ڪئي وئي آهي. صدر چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته عالمي برادري اسرائيل کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطين ۾ وڌيڪ تباهي ۽ انساني بحران کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي ضروري طبي امداد، کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو سامان موڪليو وڃي، پاڪستان خطي ۾ فلسطيني عوام لاءِ آزاد رياست جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، اهو ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام واحد حل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.