فلسطيني ليکڪه کان ايوارڊ واپس

شارجا (م ڊ) گڏيل عرب امارتن ۾ شارجا بڪ اٿارٽي احتجاج طور فرينڪفرٽ بڪ فيئر جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. امارات اليوم  اخبار مطابق شارجا بڪ فيئر اٿارٽي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي چيو ته فلسطيني ليکڪه عدينه شبلي کي سندس لکڻي تي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، بعد ۾ بڪ فيئر جي انتظاميه طرفان اطلاع ڏنو ويو ته اسرائيل سان يڪجهتي طور فلسطيني ليکڪه کي ڏنل ايوارڊ واپس ورتو ويو آهي. شارجا بڪ اٿارٽي طرفان بڪ فيئر ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت سان گڏ ان ڳالهه کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي ته ماڻهن وچ ۾ مڪالمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا  جي ڪتابن جي ترويج  کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گڏيل افهام تفهيم جي اهميت کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.