حماس حملو: بائيڊن جا فلسطيني صدر ۽ اسرائيلي وزيراعظم سان رابطا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن تي زور  ريو آهي ته هو علائقي ۾ انساني امداد جي فراهمي جي اجازت ڏين ۽ شهرين جي تحفظ جي ڪوششن کي لاءِ پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. خابرو اداري اي پي مطابق وائيٽ هائوس مان جاري بيان مطابق صدر محمود عباس جوبائيڊن کي فلسطيني عوام خاص ڪري غزه جي شهرين لاءِ امداد پهچائڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. فلسطيني اڳواڻ صدر بائيڊن کي ٻڌايو ته هو غزا مان فلسطينين جي لڏپلاڻ کي مڪمل طور رد ڪري ٿو. صدر بائيڊن محمود عباس سان ڳالهين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف ورجايو ته حماس فلسطيني عوام جي وقار ۽ خوداراديت  جي حق جي ترجماني نٿي ڪري، نيتن ياهو سان ڳالهين ۾ صدر بائيڊن اسرائيل لاءِ اڻٽر آمريڪي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر بائيڊن شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ طبي امداد پهچائڻ لاءِ علائقائي ڪوششن جي حوالي سان نيتن ياهو کي آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.