مراد سعيد پوليس جي ڇاپي کان ڪجهه منٽ اڳ فرار ٿي ويو، ايس پي ورسڪ

پشاور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد جي گرفتاري لاءِ پوليس پشاور جي علائقي ورسڪ ۾ ڇاپا هنيا آهن. پوليس موجب  مراد سعيد پوليس جي ڇاپي کان ڪجهه منٽ اڳ فرار ٿي ويو. ايس پي ​ورسڪ ارشد خان جو چوڻ آهي ته مراد سعيد مبينا طور تي ناصر باغ ۾ هڪ گهر ۾ لڪيل هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر وارن ڪارروائي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب جوابدار فرار ٿي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مراد سعيد جا 2 ملازم به گهر ۾ موجود هئا، پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ساهورن پوليس تي پٿراءُ ۽ بدتميزي ڪئي، ڇاپي دوران مراد سعيد جي گاڏي به هٿ ڪئي وئي آهي.  ايس پي ورسک ارشد خان موجب جوابدار مراد سعيد خلاف 9 واقعن جا ڪيس داخل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.