خانپور:اغوا ٿيل ايس ايڇ او سميت پنج اهلڪار بازياب نه ٿيا

خانپور/پنوعاقل ( رپورٽ:عاصم دايو+رستم انڍڙ )خانپور  جي ڪچي مان پوليس اسٽيشن تي حملو ڪري اغوا ڪيل ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پوليس جا پنج ئي اهلڪار بازياب نه ٿيا. مسئلي کي پنجون ڏينهن به گذري  ويو پوليس جو ڪچي ۾ ڪارروائي ڪرڻ بجائي راڄوڻي تي زور. ذريعن مطابق ڌاڙيلن سان ملوث ھجڻ جي الزام ۾ وڌيڪ ٻن پوليس ايس ايڇ اوزن کي معطل ڪرڻ بعد جاچ لاءِ گرفتار ڪيو ويو.رپورٽ موجب.رستم جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان پنج ڏينهن اڳ سکر مان زخمي ڌاڙيل مهر بڊاڻي جي قمبر پوليس طرفان گرفتاري واري پلاند ۾ اغوا ايس ايس او محبوب بروهي ۽ سندس پٽ محمد علي بروهي وڏي منشي نسيم گوپانگ سميت اهلڪارن جان محمد بکراڻي ۽ اياز علي ڪنڀر کي شڪارپور جي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي. مسئلي کي پنج ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪرڻ بجائي علائقي جي چڱن مڙسن معرفت راڄوڻي تي زور لڳائي ويٺل آھي. ھوڏانهن پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڌاڙيلن سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آھن جنهن ڪري اڄ سومر جي ڏينهن مغوي ايس ايڇ او ۽ سندس پٽ سميت پنج ئي پوليس اهلڪارن جي بازيابي يقيني ٿي وئي آھي. ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفي ڪورائي ڏوهارين سان ملوث ھئڻ جي الزام ۾ ٻن ايس ايڇ او علي حسن جتوئي ۽ قربان علي ککراڻي کي (بي ڪمپني) ڪري کين ذريعن مطابق گرفتار ڪيو ويو آھي ان کان پھريان ايس ايڇ او عالم ڪرسي اهلڪار زاهد ابڙو  ۽ سي آءِ انچارج اياز کيڙي ۽ سميع الله جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد سميع الله جتوئي کان مڪمل جاچ ڪرڻ بعد کيس في الحال آزاد ڪيو ويو ۽ کيس ضرورت پوڻ تي ٻيهر پيش ٿيڻ تي پڻ پابند ٺاهيو ويو آھي. ھوڏانهن ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪرڻ لاءِ ڪمانڊو پوليس جا 30 اهلڪار ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي پھچي ويا آھن جتي مورچا قائم ڪري ڏوهارين سان مضبوط مقابلو ڪرڻ جون پڻ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.