فلسطين ۾ بربريت تي گڏيل قومون ڇو خاموش آهن: رضا رباني

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي لياري ٽائون 8 چوڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي ڊسٽرڪٽ سائوٿ پاران  18 آڪٽوبر ڪار ساز سانحي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيدن ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عاليشان جلوس منعقد ڪيو ويو جلسي کي خطاب ڪندي پ پ ڪراچي ڏکڻ جي  صدر خليل ھوت چيو ته اڄ به لياري ڀٽي جي آهي،رضا رباني خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا فلسطين تي وڏو ظلم ڪرائي رهيو آهي. اقوام متحده ڇو خاموش آهي. ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد چيو ته ڪارساز جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا، نثار کهڙي چيو ته ڪجهه سياسي اڳواڻ ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويندا آهن ۽ اليڪشن جي موسم ۾ واپسي جي تياري ڪندا آهن.  هاڻي به ڪجهه سياسي اڳواڻ ملڪ جو رخ ڪري رهيا آهن،عام اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي حصو وٺڻ ڏنو وڃي. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جا دهشتگرد ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن. پر ايم ڪيو ايم ايم کي خبردار ڪرڻ چاهيون ٿا ته اگر ايندڙ اليڪشن ۾ اگر ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي خلاف ڪا سازش ڪئي ته پيپلز پارٽي جا جيالا خاموش نه ويهندا. عبدالله رحيم بلوچ ،ناهيد شهيب۽ ٻين به خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.