ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ وڏيون بي ضابطگيون ٿيون: ڊاڪٽر سعد نياز

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) نگران صوبائي وزير صحت سنڌ ڊاڪٽر سعد نياز ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  آهي ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي بي ضابطگين بابت ايف آءِ اي شفاف جاچ ڪري رهي آهي، ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو پيپر ڪيئن آئوٽ ٿيو جاچ هلندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اگر جاچ ۾ وي سي به ملوث نڪتو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪري کيس هٽايو ويندو، شاگردن جي ميڊيڪل جو سال ضايع ٿيڻ نه ڏبو. هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ وڏيون بي ضابطگيون ٿيون، جنهن تي انڪوائري رپورٽ جوڙي وئي هئي انڪوائري رپورٽ ۾ به ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي بي ضابطگيون ثابت ٿيون. هن چيو ته ڊائو يونيورسٽي کان ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 19نومبر تي ٻيهر ايم ڊي ڪيت ٽيسٽ ورتي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.