ملڪ ۾ ڪڻڪ جي سپلائي بند، اٽو مهانگو ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم کان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي سپلائي بند ٿي وئي آهي، ان حوالي سان فلور ملز  ايسوسيئيشن  جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايڪسل لوڊ لاڳو ٿيڻ سبب ٽرڪن تي ڪڻڪ جي لوڊنگ نه ٿي رهي آهي. فلور ملز ايسوسيئيشن  جي عملدارن موجب ڪڻڪ جي سپلائي بند ٿيڻ سبب ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو ته اٽو به مهانگو ٿيندو،  ڪراچي جي ٻنهي بندرگاهن تي ڪڻڪ جي 3 جهازن مان ڪڻڪ  آف لوڊ ڪئي پئي وڃي، روس کان 2 جهاز ۽ رومانيا کان هڪ جهاز ڪڻڪ کڻي آيو آهي، فلور ملز ايسوسيئيشن  جو چوڻ آهي ته ٽن جهازن مان ڏيڍ لک ٽن ڪڻڪ سڄي ملڪ ۾ پهچائڻي آهي. ايڪسل لوڊ لاڳو ٿيڻ کان اڳ هڪ ٽرالر ۾ 6 هزار بوريون هونديون هيون، هاڻي ان ۾ 3 هزار 300 بوريون هونديون. ٽرالر ۽ ٽرڪن جا ڪرايا وڌڻ سبب ڪڻڪ جا اگهه وڌي ويا آهن، حماد پونا والا جو چوڻ آهي ته نيشنل هاءِ وي اينڊ موٽر وي پوليس ايڪسل لوڊ لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ درآمد ڪندڙ پريشان آهن آئرن اسٽيل مرچنٽ موجب ايڪسل لوڊ پابندي واري صورتحال ۾ درآمد ڪيل سامان ڪيئن لوڊ ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.