اسرائيل جي بمباري، شهيد فلسطينين 1800 ٿي ويو، فوجون غزا ۾ داخل

غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ستين ڏينهن به جاري آهي، جنهن ۾ هيل تائين شهيد فلسطينين جو انگ 1800 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 6 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد 1800 فلسطينين ۾ 583 معصوم ٻار آهن. اسرائيل طرفان غزا شهر خالي ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي آهي ۽ فضا مان غزا ۾ پمفليٽ اڇلايا ويا آهن، جن ۾ لکيل آهي ته پنهنجا گهر فوري طور تي ڇڏي ڏيو ۽ غزا جي ڏکڻ پاسي هليا وڃو. هوڏانهن گڏيل قومن غزا خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسرائيلي الٽيميٽم جا نتيجا تباهي جي صورت ۾ نڪرندا، اسرائيل يو اين شيلٽر ۽ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ فلسطينين کي نشانو نه بڻائي. پر حماس غزا نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ ترجمان خالد قدومي چيو ته غزا جا فلسطيني 1948 جيان ٻيهر پناهگير نه بڻجندا، غزا جي شهرين جو حوصلو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته فلسطيني پنهنجي زمين ڪڏهن نه ڇڏيندا، اسرائيل اهو قدم کڻي عالمي ادارن کي دٻاءَ ۾ آڻي رهيو آهي.   اسرائيل 11 لک فلسطينين کي 24 ڪلاڪن اندر غزا مان نڪري وڃڻ جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي اختيارين سان رابطن ۾ الٽيميٽم ڏيندي چيو ته غزا ۾ رهندڙ يارنهن لک فلسطيني چويهه ڪلاڪن اندر ڏاکڻي حصي منتقل ڪيو وڃي. اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس چيو آهي ته عام فلسطيني شهري اسان جا دشمن نه آهن. اسرائيلي ترجمان جوناٿن ڪونريڪس موجب غزا ۾ حماس کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسان شهرين جو گهٽ کان گهٽ نقصان چاهيون ٿا. حماس جي فوجي ترجمان ابو عبيده اسرائيل کي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن اسرائيل زميني حملا ڪيا ته ان جي فوج کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي فوجي ترجمان اسرائيل تي حملن جي وڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته جنگ جي شروعات تي ئي اسرائيلي فوج جو غزا ڊويزن تباهه ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.