ماڙي جلباڻي واقعو، رينجرز ۽ سنڌ سرڪار کي جواب لاءِ مهلت

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي واقعي جي عدالتي انڪوائري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ درخواستگذارن سنڌ بارڪائونسل جي اڳوڻو وائيس چئيرمين ايڊووڪيٽ ذوالفقار جلباڻي، عاقب  راڄپر، حيدر امام رضوي، وڪيل بئريسٽر صلاح الدين، حيدر آباد جي ڊي آءِ جي نمائندن، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ رينجرز جو وڪيل پيش ٿيا، عدالت ڌرين کي ڪاپيون ڏيڻ جي هدايت ڪئي، عدالت ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس جي نمائندن جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا ٻه الگ الگ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن هڪ ڳوٺائڻ ۽ ٻيو پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو، هنن چيو ته جي آءِ ٽي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته رينجرز ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن طرفان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي وئي آهي، عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.