بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ ظالماڻو قدم آهي: امداد قاضي

حيدرآباد (رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضيچيو آهي ته سموري ملڪ جو عوام وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ قتلام ۽ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي تي سخت تشويش ۽ ڏک مان گذري رهيو آهي،  پاڪستاني نگران انهي حالتن مان فائدو وٺندي گئس جي قيمتن ۾ هڪ ئي جهٽڪي ۾ چار سئو سيڪڙو اضافو ڪري انتهائي ظالماڻو فيصلو ڪري عوام جون رڙيون ڪڍائي ڇڏيون آهن، جاري بيان ۾ هن چيو ته حڪمران ڊالر جي قيمت گهٽ ڪرڻ جا وڏي فخر سان اعلان ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف  بجلي، گيس، پيٽروليم مصنوعات، اٽي، کنڊ، چانور، دال، تيل، گيهه، ۽ دوائن سميت تمام شين جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ڪري رهيا آهن، امداد قاضي چيو ته سموري ملڪ ۾ خاص طور تي ڳوٺن، واهڻن، ۽ ننڍن شهرن ۾ پهريان ئي عوام بجلي جي لوڊشيڊنگ کان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ گئس کان به محروم آهن، انهن حالتن ۾ توانائي ۽ هر روز جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ ناقابل برداشت واڌ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال  ڪيو پيو وڃي، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ فورن واپس ورتي وڃي، فلسطينين سان گڏ آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.