اڏيرو لعل وليج ڀرسان ناري ۽ نوجوانن جي قتل جو ڪيس داخل

اڏيرو لعل وليج (رپورٽ: معشوق علي قمبراڻي) اڏيرو لعل ڀرسان کيبراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم خان لاشاري ۾ قتل ڪيل ناري ۽ ٻن نوجوانن جو قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سهري طرفان ناري ۽ ٻن سئوٽن کي قتل جو ڪيس کيبراڻي ٿاڻي تي ٽن ڄڻن مٿان سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس اي ايس آءِ سائين ڏنو خاصخيلي جي فرياد تي ٽن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته رات جو دير سان ٿاڻي تي ويٺو هئس ته ڳوٺ ڪرم خان لاشاري جو رهواسي احمد علي لاشاري ٿاڻي تي آيو ۽ ٻڌايو ته منهنجي والد حيات لاشاري گوليون هڻي ٻن ڄڻن کي ۽ ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي،  حيات لاشاري ۽ ٻن ڄڻن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتاري ڏئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.