اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر حبڪو ڪمپني جي ماتحت ڪم ڪندڙ ٽي اي سي ڪمپني ۾ مزدوري سانگي ويل اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڌرم واسي 27 ورهين جي نوجوان گورڌن ولد چهنو ميگهواڙ جو ٽي اي سي جي ڪئپني جي ليبر ڪئمپ جي پاسي ۾ وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو،اطلاع تي ڪمپني عملدارن نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڏئي گهرائڻ بدران بنا پڇڻ جي لاش لاهي ڇڏيو،وارثن جي غيرموجودگي ۾ نوجوان جو لاش لاهڻ بعد حبڪو ڪمپني جي ڪلئنڪ ۾ رکي ڇڏيو،لاش صبح جو ساڍا اٺ وڳي کان شام چار وڳي تائين لڳاتار 8 ڪلاڪ پيل رهيو،جنهن سبب اُتي ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن مزدور جي لاش کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته سيڪيورٽي وارن سڀني کي روڪي ڌاٻا ڏئي موٽائي ڇڏيو ۽ پورهيتن پاران ورتل ڦوٽو ۽ وڊيوز به ڊليٽ ڪرايا ويا،آواز اُٿارڻ جي صورت ۾ مزدورن کي بليڪ لسٽ ڪري نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون،8 ڪلاڪ لاش بلاڪ ٽو اندر حبڪو ڪمپني جي ايريا ۾ پيل هئڻ باوجود ڪمپني عملدارن فوتي جي وارثن کي اندر اچڻ نه ڏنو،پهتل پيءُ ۽ ڀائرن کي انتظاميا مين گيٽ تي روڪي ڇڏيو ۽ اندر وڃڻ نه ڏنو،جنهن سبب فوتي نوجوان جو پيءُ چهنو گيٽ تي دانهون ڪندو رهيو،اُنهي بعد ڪمپني عملدارن نوجوان جي واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي لاش کي ايمبولنس ۾ وجهي ڊرائيور سان گڏ اسلام ڪوٽ اسپتال موڪلي ڇڏيو فوتي جي وارثن پاران حبڪو ڪمپني جي ڪنهن به ذميوار عملدار جي لاش سان گڏ نه اچڻ جي صورت ۾ لاش ايمبولنس مان لاهي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪندي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،پوليس ۽ ايمبولنس جي ڊرائيور اسپتال انتظاميا جي مدد سان لاش ايمبولنس مان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته وارثن سخت اعتراض ڪندي لاش لاهڻ نه ڏنو ۽ ڪمپني جي عملدار جي اچڻ جو شرط رکي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو،جنهن سبب اسپتال ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، نوجوان جي پيءُ چهنو ميگهواڙ ۽ ڀاءُ رميش ميگهواڙ صحافين آڏو دانهيندي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو نوجوان حبڪو ڪمپني ۾ مزدوري ڪندو هو، اڄ اسان کي ميڊيا وسيلي خبر پئي ته اُنهي جو لاش ٽنگيل مليو آهي،اسان کي ڪنهن به ڪمپني جي عملدار اطلاع ڪرڻ مناسب نه سمجهيو،گيٽ تي اندر وڃڻ لاءِ منٿون ڪيون پر اندر داخل ٿيڻ نه ڏنائون، چهنو ميگهواڙ چيو ته پُٽ سان گهرو ڪوبه مسئلو نه هو،روزگار ملڻ بعد خوش هو،ڪمپني اندر هي خودڪشي ڪيئن ٿو ڪري سگهي،اسان تسليم نه ٿا ڪيون،پُٽ خودڪشي نه ٿو ڪري سگهي،واقعو قتل جي سازش لڳي ٿو