حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پنڃرا پول واري علائقي ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف ٿيل ھنگامي ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل اھلڪارن ۽ رھواسين مان ھڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جڏھن ته پوليس واقعي جا ٽي ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪري ورتا آھن. ڦليلي ٿاڻي جي حد پنڃرا پول واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان پاڪ ڪتاب کي پلازه جي ٽين ماڙ تان ھيٺ اڇلائڻ ۽ بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي تان شھر جي مختلف علائقن مان سوين ماڻهو علائقي ۾ پھچي ويا. جتي الزام ھيٺ آيل نويد ميمڻ کي پڪڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اھڙي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پھچي وئي, جنھن ماڻھن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪرڻ سان گڏ ھوائي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، مڇريل ماڻهن به پوليس سان سخت مزاحمت ڪئي، ڇڪرين دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس بڪتربند گاڏي گھرائي الزام هيٺ آيل ھمراھه کي کڻي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو، مڇريل ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ رات دير تائين چڪريون ھلنديون رھيون، مڇريل ماڻھن ڦليلي ٿاڻي ۾ داخل ٿي ڀڃڊاهه ڪري گاڏين کي نقصان پھچايو، پوليس ۽ مڇريل ماڻھن وچ ۾ ٿيل چڪرين ۾ 6 پوليس اھلڪارن سميت ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيل اھلڪارن ۽ شھرين سميت 10 زخمين کي سول اسپتال پڻ منتقل ڪيو ويو، جن مان هڪ زخمي پيٽ ۾ گولي لڳل 17 ورهتن جو حسنين پٽ سليم قريشي ڪالھه سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان پنڃرا پول جي پنجابي پاڙي جو رهواسي ھو، ٻئي طرف پوليس، پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪرڻ جو ڪيس جوابدار تي داخل ڪرڻ سميت، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ، ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ، پوليس تي حملو ڪرڻ ۽ ھنگامو ڪرڻ سميت مخلتف الزامن ھيٺ 9 سڃاتل ۽ 800 کان 1000 اڻڃاتل ماڻھن خلاف ٽي ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪري ورتا آھن، ھوڏانھن پوليس ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪندڙ جوابدار جاچ ۾ ڏوھه جو اعتراف ڪيو آھي، ٻئي طرف گذريل رات پيش آيل واقعي کانپوءِ ڪالھ علائقي جو سمورو ڪاروبار بند ھو، جڏھن ته ڪنھن اڻ وڻندڙ صورتحال جي امڪان سبب علائقي ۾ وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪار مقرر ٿيل ھئا.