ڪراچي (رپورٽر ) قانون ۽ انساني حقن واري نگران وزير عمر سومرو هيومن رائيٽس کاتي جي آفيس جو اوچتو دورو ڪيو ۽ انساني حقن واري کاتي جي 21 ملازمن جي غير حاضري ۽ تعداد گهٽ هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، نگران وزير عمر سومرو آفيس جي دوري دوران عملي سان ڳالهائيندي چيو ته صبح جا ڏهه ٿيا آهن، انساني حقن جو سيڪريٽري اڃا آفيس نه آيو آهي. غير حاضر آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري پگھارون روڪيون وڃن. انساني حقن واري صوبائي وزير عمر سومرو به ملازمن جي حاضري رجسٽر جي گهر ڪئي ۽ چيو ته ملازمن جي حاضري گهٽ ڇو آهي؟ هن وقت تائين آفيس ۾ حاضري 100 سيڪڙو هجڻ گهرجي، ملازمن جي حاضري صبح 9 وڳي تائين يقيني بڻائي وڃي، ملازم پنهنجو قبلو درست ڪن، وڌيڪ وقت نه ڏيندس، آخري وارننگ سمجهو.